اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب ??ار?? خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته هڪ طرف ??ورونا وائرس کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ٻئي طرف ??رپشن سان وڙهي رهيا آهيون، ڇا ڪرپشن جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ نااهلي آهي؟ ڇا غريب عوام جو خيال رکڻ ۽ انهن کي رليف ڏيڻ نااهلي آهي؟ ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، شهباز شريف لنڊن ڀڄي وڃڻ بدران عدالت کي ۽ عوام کي پنهنجي ڪرپشن تي جواب ڏي، ڪڪس بيڪس جا 16 ڪروڙ شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيڻ جي پوري ٽريل موجود آهي، شهباز شريف جي خلاف نيب ري??رن?? حتمي مرحلن ۾ آهي، ان ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿي?? گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پريس ڪان??رن?? ڪندي ڪيو.