سيالڪوٽ – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نش??يات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي درخواستن سان گڏ تحريڪ انصاف جي درخواستن کي به گڏائي ٻڌي، لنڊن جون تص??يرون ٻڌائي رهيون آهن ته ميان صاحب کي ڪهڙي تڪليف آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته نواز شريف پنهنجي علاج کان??وء?? پاڪستان ۾ اچي، رهبر ڪميٽي رهزن ڪميٽي بڻجي چڪي آهي، انهن کي خبر آهي ته عمران خان ملڪي معيشت کي کڻي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. جي سي يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ منعقد پروگرام بزم اقبال آگاهي پروگرام جي تقريب کي خطاب کان??وء?? صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نش??يات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??ه پاڪستان تحريڪ انصاف واحد اهڙي پارٽي آهي جنهن جي اندر به جمهوريت آهي.