پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڌارن واري نظام ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اسٽيٽس ??و جي مزاحمت جي خاتمي جي عزم جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري رهندو، 2019ع مشڪل سال هو، ايندڙ سال معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لحاظ کان بهتر هوندو، س??ڪاري اسپتالن ۾ پر??يهي ملڪن جي طرز تي جديد نظام متعارف ڪرائ??ند??سين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس پشاور ۾ اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن، دل جي بيمارين جي ماهرن جي تنظيم ”اپنا“ ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليج جي ايلومينائي ايسوسيئيشن جي 42 هين سالياني و??ٽر ميٽنگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران ڪيو.