فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سيڙپڪاري کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ترقي لاءِ صنعتون قائم ڪرڻ، روانگ?? واپار وڌائڻ، زرعي پيداوار ۾ اضافي، سياحت جي فروغ ۽ فني تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻو پ??ند??، سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، کين مناسب ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، غربت ۾ گهٽتائي لاءِ چ??ن جا قدم اسان لاءِ مثال آهن، نيب قانونن ۾ تبديلي کانپوءِ بيورو ڪريسي وٽ هاڻي ڪو به بهانو نه ه??ند??، ڪم تيز ڪرڻو پ??ند??، پنجاب ۾ ڪو به قاتل، ڌاڙيل ۽ مافيا نظر نه اچن گهرجي، خصوصي اقتصادي زونز تي ڪم تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال انڊسٽريل اسٽيٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.