اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي قوم تي فخر آ??ي جيڪا اڀرڻ جي لاءِ تيار آهي، پاڪستان واحد ملڪ آ??ي جنهن دهشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو ۽ ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ امن جو پيغام ڏنو، اڄ هندستان مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي انتشار جو شڪار آهي، موجوده حالتن ٻه قومي نظريي تي ٺپو هڻي ڇ??يو آهي، پاڪستاني هز??رين سالن جي قديم تهذيب ج?? وارث آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ پاڪستانيت جي موضوع تي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.