اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀ??رت ۾ بيههِ جهڙي طرح پاڪستان جي واکاڻ ڪئي ??هي ان سان ڀ??رت جو پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪوششن کي بري طرح شڪست ۽ وزيراعظم عمران خان جي بيانيي کي ڪاميابي ملي آهي، ڀ??رت پنهنجي ئي لڳايل نفرت جي باهه ۾ بري طرح سڙي رهيو آهي. نجي ٽيلي ويزن چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته ڀار??ي وزيراعظم نريندر مودي انتهاپسندي ۽ تعصباڻي نسل پرستي تي ٻڌل سوچ کڻي اڳ??ي وڌي رهيو آهي، ڀ??رت ۾ مسلمانن تي ظلم دنيا جي سامهون ان جي نام نهاد جمهور??ت پسنداڻي چهري کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي.