اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز سوشل ميڊيا ۾ صوبن ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان گردش ڪندڙ اف??اهن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. هڪ صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اها ملڪ دشمن عنصرن جي پروپئگنڊه آهي. حڪومت هن وقت ڪورونا سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪري رهي آهي.