اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا?? دنيا ڪورونا جي خلاف پاڪستان جي حڪمت عملي جو اعتراف ڪري رهي آهي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ احساس پروگرام تحت گهٽ مدي ۾ ايتري وڏي رقم ورهائڻ تي پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو آهي، معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ضروري آهي، ٽائيگر فورس جا رضاڪار ايس او پيز تي عمل ڪرائين. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چ??و ته احساس پروگرام تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس جي سڄي ٽيم شاباس جي مستحق آهي. وزيراعظم چ??و ته اسان جي ملڪ تي الله جو ڪم رهيو آهي، هن پوري قوم ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ٽيم ۽ طبي عملي جي ??دم??ن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چ??و ته اسان جو ملڪ ان مقام تي آهي جتي اڃا به احتياطي تدبيرن تي مڪمل عملدرآمد اسان کي وڏي مصيبت ک??ن بچائي سگهي ٿو.