اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪي معيشت ۽ ترقي کي نشانو بڻائڻ وارا پنهنجي ناپاڪ ڏوهن ۾ ناڪام رهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پنهنجي جان تري تي رکي عوام جي زندگين جو ت??فظ ڪ??دڙ ۽ حملي کي ناڪام بڻائي??دڙ اسان جا قابل فخر هيرو آهن، هن چيو ته شهيد ٿي??دڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.