اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپر??شن سينٽر (اي?? سي او سي) ڪور??نا وائرس بابت تازا ۽ تصديق ٿيل انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، 2 لک 4 هزار 276 مريض ڪور??نا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي ويا آهن. اي?? سي او سي موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ 53 هزار 652 ڪور??نا ايڪٽو ڪيسز آهن. آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 22 هزار 559 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن ۾ 1579 نوان مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن?? وڌيڪ 46 ڪور??نا مريض لاڏاڻو ڪري ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ ٽيسٽن ۾ سنڌ جا 9270، پنجاب جا 7831، خيبرپختونخواهه جا 2046، اسلام آباد جا 2634، بلوچستان جا 333، گلگلت بلتستان جا 66 ۽ آزاد ڪشمير جا 379 ٽيسٽ شامل آهن. ملڪ جي مختلف حصن ۾ 298 مريض وينٽي ليٽر تي آهن جڏهن ته 1825 وينٽي ليٽرز ڪور??نا مريضن جي لاءِ رکيا ويا آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا جي مجموعي متاثرين جو انگ 2 لک 63 هزار 496 آهي. ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 2636 ڪور??نا مريض علاج هيٺ آهن.