اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن سان بلوچستان جي بجلي جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي، بلوچستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ خصوصي مراعتون ڏنيون وينديون. توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي س??ن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ??ئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين بلوچستان ۾ توانائي بابت منصوبن ۽ بلوچستان ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي حوالي س??ن هدايتون ڏنيون، سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچستان هڪ وڏو صوبو آهي، بجلي ورڇ جي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو، بلوچستان جي ضلعن چاغي، ل??ٻي??ه، آواران، وشوڪ، گوادر وغيره لا??ِ ڌار بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهڻ جي ضرورت آهي.