اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پ?? پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او سي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي اتر ڏکڻ گئس پائپ لائن پراجيڪٽ تي عملدرآمد جي صورتحال ۽ پاور پلانٽس جي لاءِ هائي سلفر فرنس آئل (ايڇ ايس ايف او) ۽ لائٽ سلفر فرنس آئل (??يل ايس ايف او) جي گهرج جو جا??زو ورتو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي سردي جي موسم جي مهينن لاءِ ??وانائي واري وزارت پاران پيش ڪيل ف??نس آئل جي ضرورتن جو جا??زو ورتو، ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته سردي جي موسم دوران لوڊ ۾ گهٽتائي کانسواءِ ??نعتي ۽ رهائشي گهرج کي پ??رو ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي، ڪابينا ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته فرنس آئل جي ضرورت جي جائزي کان اڳ قابل تجديد توانائي ۽ ڪوئلي سميت ٻارڻ جي ٻين وسيلن جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائي.