اسلام آباد-10 آڪٽوبر(اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته صحت الله تعالي جي ڏنل نعمتن مان هڪ وڏي نعمت آهيِ.هڪ صحت مند ذهن انسان کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ تخليق جي صلاحيت بخشي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته صحت جي عالمي اداري موجب سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو ذهني بيمارين ۾ مبتلا آهن جنهن جو وڏو سبب نا انصافي، خراب سلوڪ. عدم برداشت، پريشاني ،بيروزگاري، غربت ۽ نامناسب علاج آهن. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي بربريت سبب فلسطيني ٻين ڏکيائين سميت ذهني اذيت جو پڻ شڪار آهن ،اهڙي ريت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي سفاڪيت ۽ انساني حقن جي لڳاتار لتاڙ پڻ ڪشميرين کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪيو آهي. اسپيڪر چيو ته ذهني بيمارين جي روڪ ٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته صرف عام پر ڪم وارين جاين تي پڻ سازگار ماحول ذهني ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته صحت مند ۽ اسريل پاڪستان اسان جو مشن آهي ،الله تعالي جي مدد ۽ گڏيل ڪوششن سان جلد ان مشن ۾ ڪامياب ٿينداسين.