اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وفاقي حڪ??مت جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافي، پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، حڪ??مت جي ڪوشش آهي ته ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي ٿين ۽ سمنڊ پار پاڪستانيز اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگهن، صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لاءِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي ويندي، ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي ??ن حوالي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، حڪ??مت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ کان رهنمائي، آرڊيننس جاري ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ترميمي بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ چونڊون شفاف بڻائڻ آهي، موجوده حڪ??مت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ڦهلاءُ جي شرح بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۽ ڦهلاءُ جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا ويڪسين فرنٽ لائين ورڪرز کي لڳائي پئي وڃي. هيستائين اٽڪل 50 هزار فرنٽ لائين ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ ان عمل کي وڌي?? تيز ??يو پيو وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ 1166 نمبر فراهم ??يو ويو جتي ويڪسين جي لاءِ اهي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جي داخلا ۽ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نجي شعبي پاران ويڪسين جي درآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ??يو ويو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ??يو ويندو. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي حوالي سان اڳڀرائي بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪ??مت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چونڊ سڌارا ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لاءِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان حوالي س??ن ٽائيم لائينز مقرر ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته چونڊ عمل جي مڪمل طور تي شفافيت کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي. جبري گمشدگين جي معاملي جي حوالي سان ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته موجوده حڪ??مت مڪمل طور تي شفافيت ۽ قانون جي عملداري تي پڪو يقين رکي ٿي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ان حوالي سان پارليامينٽ ۾ قانون آڻڻ جي عمل کي تيز ??يو وڃي. ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي ??ن حوالي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ??يو ۽ هدايت ڪئي ته انهن ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان قانون لاڳو ڪرڻ ۽ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا موجوده حڪ??مت پاران عورتن کي ملڪيت ۾ انهن جو حق ڏيارڻ جي قانون کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪيتن جي معاملن جي فوري حل جي حوالي سان قانون جي عمل کي به تيز ??يو وڃي.