اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ??ه ڪراچي ۾ مظاهرين جي جنگ ۽ جيو گروپ جي ??رڪزي آفيس تي حملي جي ??ذمت ڪريون ٿا، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ جنگ ۽ جيو گروپ جي ??رڪزي آفيس تي حملي کانپوءِ نجي ??ي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي تشدد جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي، سنڌ حڪومت ڇو وقت سر پوليس مهيا نه ڪئي. شبلي فر??ز چيو ته واقعي ۾ پوليس جو خاموش تماشائي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ??ه پوليس مظاهرين جي خلاف ايڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪراچي ۾ ٿيو آهي ??ن لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ??ه اها واقعي جي ??ڪم?? جاچ ڪرائي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ واقعي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا.