اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم ??مر??ن خان ملڪ جي سمورن علائقن جي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪ??دي هن گلگت بلتستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ علائقي جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر چيو ته گلگت بلتستان انتهائي خوبصورت علائقو آهي، هتي سياحت سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم ??مر??ن خان گلگت ايئرپورٽ جي توسيع جي حوالي سان هڪ منصوبي تي غور ڪري رهيو آهي جنهن جو ڊرافٽ گلگت بلتستان حڪومت سان شيئر ڪيو ويندو.