اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سمورن هدفن وانگر وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ ب?? بري طرح ناڪام ٿيندي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون پنهنجي پنهنجي مفادن جي جنگ وڙهي رهيون آهن، سينيٽ ا??يڪشن جي لاءِ ڪجهه هفتا رهجي ويا آهن، اعليٰ عدليه کان رهنمائي ورتي آ??ي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪري سگهون ٿا، مخالف ڌر پاران ٻن سالن ۾ وڌيڪ قرض وٺڻ جي پروپئگنڊه بي بنياد آهي، ٻن سالن ۾ ورتل ٻاهرئين قرضن مان 6 کرب ماضي جي قرض ۽ وياج جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن، پارلياماني پارٽي ۾ سمورن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آ??ي. هو پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريف??گ ڏئي رهيو هو.