اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي، اسان گهڻو پهرين مخالف ڌر کي چيو هو ته سينيٽ اليڪشن شفاف ڪرائين ته هنن اسان جي م??الفت ڪئي، انهن جي پريس ڪانفرنس ڏسي مون کي ڊپ لڳي رهيو ??هي ته ڪٿي اهي م??ڻهو روئڻ نه لڳي وڃن. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جا 25 ووٽ وڌيڪ هئا پر اُهي کٽي ويا، ان وقت کين اصولن جي سياست ياد نه آئي، جيڪا اليڪشن انهن جي ??سن?? جي هجي ته ان کي چوندا آهن ته ٺيڪ ??هي ۽ جتي کين شڪست جو ڊپ هوندو ??هي اتي اصولي سياست ياد اچي ويندي آهي. شبلي فراز چيو ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهو ووٽ ضايع ڪرڻ جي طريقيڪار ٻڌائي رهيو ??هي ۽ ان ضايع ٿيل ووٽن جي ڪري ئي اسان جو اميدوار هارايو. ڇانگامانگا کان هنن اهو ڪم شروع ڪيو هو ته جيڪو اڄ تائين جاري آهي، اڃان به ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اسان جي م??ڻهن سان به ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو پيو وڃي.