اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪووڊ – 19 مان ج??د صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته اسان کي توهان جي ڪورونا وائرس سبب مت??ثر ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، اسان توهان جي سدائين بهتر صحت، خوشي ۽ ج??د صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. واضح رهي ته صدر عارف علوي جو 29 مارچ تي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي ع??د شهزاده محمد بن سلمان وزيرا??ظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي کيس به بهتر صحت ۽ ج??د صحتيابي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام موڪليو هو