اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪير به قانون ۽ آئين کان مٿانهون نه آهي، ڪ??لعدم تحريڪ لبيڪ پاران رياست جي رٽ چئلينج ڪئي وئي ۽ تشدد جو ر??تو اختيار ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ??هن??ڙ پاڪستانين کي واضح ڪرڻو آهي ته اسا?? جي حڪومت رڳو تحريڪ لبيڪ پاڪستا?? جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ان وقت ڪارروائي ڪئي جڏهن انهن رياست جي عملداري کي چئلينج ڪيو ۽ تشدد جو ر??تو اختيار ڪندي عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا.