اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال شفاف چونڊن جو ضامن آهي، اڄ هر شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي اهميت ح??صل آهي، اسان کي موجود دور جي گهرجن سان گڏ هلڻو پوندو، اهڙيون چونڊون چاهيون ٿا جنهن تي ڪير آڱر نه کڻي سگهي، وڪيلن کي چونڊ سڌارن تي پنهنجي راءِ ڏ??ڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان بار ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل ف??صل آباد جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي.