اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، تاجڪستان ۾ پاڪستان ج?? سفي?? عمران حيدر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.