لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان شيخوپوره ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي رک جهوڪ سمارٽ ٻيلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 24 هزار ڪينال تي ٻڌل اهو سمارٽ ٻيلو راوي ريور اربن ڊيولپمينٽ اٿارتي جو اهم منصوبو آهي. وز??را??ظم عمران خان ٻيلي ۾ وڻ پوکي پراجيڪٽ جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنج??ب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وز??را??ظم جو خاص معاون شهباز گل ۽ راوي ريور اربن اٿارٽي جو سي اي او عمران امين به موجود هو. راوي اربن اٿارٽي پاران وز??را??ظم کي سمارٽ ٻيلي بابت بريفنگ ڏني وئي، وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته سمارٽ ٻيلي ۾ هر وڻ جي نگراني لاءِ سينسرز لڳايا ويندا ۽ اهو ٽيڪنيڪل ڪم چيني ڪمپني هواوي ڪندي جنهن جي لاءِ هواوي ۽ راوي اربن اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، راوي اربن منصوبي ??حت ميون جي وڻن سان گڏوگڏ تفريحي ماڳ پڻ ٺاهيا ويندا ۽ ان منصوبي کي سياحت لاءِ پرڪشش بڻايو ويندو. ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي وز??را??ظم عمران خان چيو ته پنج??ب جي وڏي وزير جي ٽيم ۽ خاص طور تي راوي اربن پراجيڪٽ جي سي اي او عمران امين کي ان اهم منصوبي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، اسان اهو ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان ملڪ ۾ واضح تبديلي نظر ايندي. هن چيو ته اسان ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وينداسين، سياستدان ڏسندا ته اسان هڪ نئون شهر به ٺاهي سگهون ٿا، اسان کي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي سرسبز ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، الله تعاليٰ پاڪستان کي سڀني نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي انهن نعمتن تي ٿورا ادا ڪرڻ گهرجن. وز??را??ظم ماضي ۾ ماحوليات تي ڪم نه ٿيڻ بابت ٻڌايو ته هن ماضي ۾ پنهنجي اکين آڏو ٻيلن کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، هتي هر قسم جا جانور هوندا هئا، ٻيلن سان گڏوگڏ جانور به گهٽ ٿيا، لاهور ۾ ماحُليات جي تباهي به ڏٺي، مٺو پاڻي سڀئي شهري پيئندا هئا، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي اسان ان نعمت کان محروم ٿي وياسين، آلودگي جي شرح ايتري وڌيڪ آهي جو ٻار ۽ بزرگ ٻئي متاثر ٿي رهيا آهن، لاهور ۾ پاڻي جي سطح هيٺ وڃي رهي آهي، راوي درياءُ ۾ سڄي شهر جو سي??ري?? جو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جڏهن راوي سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي ته اهو سي??ري?? جو پاڻي اتي به هلي ويندو جنهن سان ماحولياتي آلودگي جا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن، وز??را??ظم چيو ته راوي ريور پراجيڪٽ لاهور کانسواءِ پاڪستان لاءِ به تمام اهم آهي، اهو منصوبو مشڪل به آهي جيڪڏهن مشڪل نه هجي ها ته اهو پرويز مشرف جي دور ۾ ٺهي وڃي ها، (ن) ليگ جي دور ۾ شهباز شريف اسپيڊ به ان کي نه ٺاهي سگهيو. هن چيو ته وڏا پروجيڪٽ تڏهن ڪامياب ٿيندا آهن جڏهن انسان ان جو ارادو ڪندا آهن، هن چيو ته هڪ سال ۾ وڏا چئلينج آيا ماڻهن منع ناما وٺي ڇڏيا جنهن سان منصوبا دير جو به شڪار ٿيا، پر هاڻي اهي سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن، هن چيو ته منصوبو شروع ڪرڻ ئي مشڪل ڪم هوندو آهي، جڏهن اهو شروع ٿيندو آهي ته پوءِ ان کي ڪير نٿو روڪي سگهي، وز??را??ظم سمارٽ لاڪ ڊائون جو مثال ڏيندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران جڏهن اسان سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ته ان سان خاطر خواهه فائدا ٿيا ۽ اسان جي ان سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي کي سڄي دنيا ساراهيو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثال ڏنو ويندو هو، اهڙي طرح هاڻي هي سمارٽ ٻيلو ٺهي رهيو آهي جنهن ۾ هواوي ڪمپني سان گڏجي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. هر وڻ جي واڌويجهه جو حساب لڳايو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي سان هر وڻ کي مانيٽر ڪيو ويندو. وڻ وڍڻ جي صورت ۾ سينسرز ذريعي معلوم ٿي ويندو ته ڪهڙي هنڌ تي وڻ وڍيو پيو وڃي، هن چيو ته 2013ع تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ صرف 64 ڪروڙ وڻ هنيا ويا جڏهن اسان پنجن سالن ۾ خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب وڻ هنيا ۽ اسان جو ٽارگيٽ آهي ته اسان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ هڻنداسين جنهن سان پاڪستان بدلجي ويندو، موسم ۾ واضح تبديلي نظر ايندي، هن چيو ته اسان جا ٽي وڏا مسئلا آهن پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو اچڻ وارو آهي، سي??ري?? جو پاڻي دريائن ۾ وڌو پيو وڃي، ماحوليات جا مسئلا وڌي رهيا آهن، وز??را??ظم عمران خان چيو ته راوي ريور پروجيڪٽ جي ذريعي انهن سمورن مسئلن تي ضابطو آندو ويندو، ان منصوبي ۾ پاڻي کي روڪڻ لاءِ ٽي ب??را?? ٺاهيا ويندا، صاف پاڻي لاءِ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳايا ويندا، پهريون ڀيرو جامع پلان ٺاهي رهيا آهيون ان منصوبي سان ڪنسٽرڪشن انڊسٽري پروان چڙهندي، 10 لک ماڻهن کي روزگار ملندو، 40 ارب ڊالر ملڪي معيشت ۾ ايندا جنهن ??حت اهو منصوبو پاڪستان لاءِ وڌيڪ سالياني بجيٽ پيدا ڪندو، هن پنج??ب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان منصوبي سان کيس مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن لاءِ کيس پنهنجي ٽيم کي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اسان پرعزم آهيون ته ڪا به رڪاوٽ ان پراجيڪٽ کي نٿي روڪي سگهي.