اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آئي يو جي) جي نئين چونڊيل صدر شڪيل احمد، جنرل سيڪريٽري صديق انظر ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته نون چونڊيل عهديدارن ??ي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صح??في برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت اظها?? راءِ جي آزادي ??ي بينادي ۽ جمهوري حق تي ڪامل يقين رکي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ اڻٽر آهي، وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته آر آئي يو جي جا نوان چونڊيل عهديدار صح??في برادري جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.