اسلام آباد -12 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قابض فورسز طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي جنگي ڏوهن، انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪوڙن مقابلن ۽ ڪوڙن فليگ آپريشنز ۽ عورتن جي بي حرمتي جي حوالي سان جامع ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جي تفصيلن بابت آگاهه ڪندي چيو ته اسان هن ڊوزيئر ذريعي سڄي ڄاڻ ۽ اصل حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين، اسان دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت سرڪار جي اصل چهري کي بي نقاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه??. انساني حقن جي خلاف ورزي والاريل ڪشمير ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪندي ڪشميري عوام جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آه??. جڏهن کان هندو پرست حڪومت ڀارت ۾ آئي آه?? انهن پائم??لي?? ۾ اضافو ٿي رهيو آه??. اڄ ڀارتي فوجي گهيراءَ کي 769 ڏينهن گذري ويا آه??. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي پهرين سيپٽمبر تي جڏهن وفات ٿي ته ان جي گهر جو گهيراءُ ڪيو ويو، ان جي وصيعت کي ختم ڪندي رات جي اونداهي ۾ ان کي دفن ڪيو ويو. ان کي تدفين جي بنيادي حق کان به محروم ڪيو ويو. سندس پونئرن کي جنازي ۾ شرڪت کان محروم رکيو ويو. عالمي ميڊيا کي ڪشمير تائين پهچ نه ٿي ڏني وڃي. انسانيت کي ان انداز ۾ پائمال ڪرڻ انتهائي نامناسب آه??، ان لاءِ اسان اڄ هي ڊوزيئر سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آه??. شاه محمود قريشي چيو ته 131 صفحن تي ٻڌل ان ڊوزيئر جا 3 باب آه??. پهرين باب ۾ جنگي ڏوهن، ٻئي ۾ ڪوڙن فليگ آپريشنز جڏهن ??ه ٽئين باب ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڀارت جي والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جو ذڪر آه??. هن چيو ته ان ۾ 113 حوالا موجود آه?? جن ۾ 26 عالمي ميڊيا کان ۽ 41 حوالا ڀارت جي ٿنڪ ٽينڪ کان ورتا ويا آه?? جڏهن ??ه پاڪستان جا صرف 14 حوالا آه??. هي انتهائي اعتماد جوڳو دستاويز بڻايو ويو آه??. 3232 ڪيس جنگي ڏوهن ??ابت آه??. 1128 انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آه?? جن ۾ ڀارتي ميجر جنرل، برگيڊيئر ۽ ٻين سينئر آفيسرن جو ذڪر آه?? جيڪي انساني حقن جي پائم??لي?? ۾ سڌي ريت ملوث رهيا آه??. انهن ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ۽ پيلٽ گنز جو استعمال شامل آه??. هن چيو ته هن ڊوزيئر ۾ عورتن جي بي حرتمي جو به ذڪر آه??. هڪ لک کان وڌيڪ اهڙين جاين جو ذڪر آه?? جن کي ساڙيو ويو. ان کان سواءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙن آپريشنن جو به ذڪر آه??. ڪشميرين جي پرامن آزادي واري جدوجهد کي دهشتگردي سان گڏائڻ جي ڪوششن جو ذڪر آه??. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ صحافين کي ڀارت سرڪار طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين پائمالن تي ٻڌل ويڊيوز ڏيکاريون ويون. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته يورپي ملڪ انساني حقن جو علمبردار هجڻ جا دعويٰ ڪن ٿا پر والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ۽ بيگناهه ڪشميرين تي ظلم تي خاموش آه??. انساني حقن جو تحفظ عالمي ادارن جي ذميواري آه??. گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ جنگي ڏوهن ??و نوٽيس وٺندي انهن جي جاچ ڪرڻ گهرجي. شاه محمود قريشي ڀارت تي زور ڀريو ته هو فوري طور تي انساني حقن جي پائم??لي?? کي بند ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي پهچ ڏئي. هن چيو ته فاشسٽ پاليسيون خطي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيون آه??، اسان کي ان حوالي سان عالمي ضمير کي جاڳائڻو آه??. ڪشمير تڪرار جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ??ه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر پنهنجي پنهنجي پاڪستاني دورن دوران پنهنجن بيانن ۾ ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي موقف کي ورجايو. هيومن رائيٽس ڪائونسل جون هڪٻئي پٺيان ٻه رپورٽون سامهون اچڻ انتهائي اهميت رکن ٿيون. ان کان سواءِ هائوس آف ڪامنز سميت عالمي پارليامان ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائم??لي?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هيومن رائيٽس ڪائونسل هڪ باوقار فورم آه??، اسان کي ان سميت ٻين اهم فورمز کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آه??. اسان عالمي آبزرورز کي آزاد ڪشمير وٺي وياسين جڏهن ??ه ڀارت انهن کي پهچ نه ??ني. اڄ ميڊيا عام راءِ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آه??. 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ عالمي ميڊيا والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ڏانهن ??المي برادري جي توجهه ڇڪرائي. هن چيو ته سوشل ميڊيا به ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آه??. هن چيو ته اڄ ڀارت اندر هڪ مخصوص طبقو دهلي سرڪار جي ڪشمير پاليسي خلاف کلي ڳالهائي رهيو آه?? جڏهن ??ه ڀارت اندران پڻ آواز اٿي رهيا آه??. هن چيو ته ڪشميرين جي قربانيون ضايع نه وينديون، اسان هن ڊوزيئر کي سڀني مشنز ۽ هر فورم تي موڪلينداسين ۽ اصل ڄاڻ ۽ حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين. ان موقعي تي انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي قانونن جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آه??. يورپي ملڪ ٻٽي معيار تي عمل پيرا آه??، والاريل ڪشمير ۾ يورپي يونين طرفان 5 آگسٽ جي ڀارتي قدمن تي ڪو به بيان سامهون ناهي آيو، اسان عالمي انصاف واري عدالت کان جنگي ڏوهن جي حوالي سان راءِ وٺي عالمي سطح تي ڀارت جي انساني حقن بابت پائم??لي?? کي وڌيڪ اٿارينداسين. شيرين مزاري چيو ته ڀارت طرفان جنسي ڏاڍائي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت کي هن وقت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سونپي وئي جڏهن ??ه اهو انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث ٿي رهيو هو. ان موقعي تي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو ته اڄ صورتحال تبديل ٿي چڪي آه??، هاڻي ڪو به ڀارت جي ڏوهن ??ي پردو وجهڻ وارو موجود ناهي. هن چيو ته ڀارت جون پاليسيون نه رڳو خطي لاءِ پر دنيا لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهن ٿيون. اي يوڊس انفوليب جي رپورٽ جو پڌرو ٿيڻ ان تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان نومبر 2020ع ۾ جيڪو ڊوزيئر ڏنو ڪنهن ??ه ان ۾ ڏنل معلومات ۽ ڀارتي پروپئگنڊه جي دستاويزي ثبوتن کي چئلينج نه ??يو. هن چيو ته اهو ڊوزيئر سيد علي گيلاني مرحوم کي خراج عقيدت آه?? ڇاڪاڻ ته ان جي سموري زندگي ان جدوجهد ۾ گذري.