اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ??اپ??ا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير فرخ حبيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل کي وڌيڪ 5 سالن جي لاءِ ??اپ??ا چيئرمين مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻي ذخيرن جي منصوبن تي گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، پاڻي ذخيرن جي مختلف منصوبن تي ??اپ??ا ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪي – 4 منصوبي جو ٽاسڪ ??اپ??ا کي ڏنو آهي. هن چيو ته پاڻي ذخيرن جا 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ ه?? ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو، انهن منصوبن سان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 ه??ار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته 70 سالن ۾ جيترو پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي سيراب ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويا، 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي انهن 10 پاڻي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ سان ذخيرو ٿي سگهندو.