لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان عوامي ڀلائي جي منصوبن، آلودگي جي مسئلن جي حل ۽ وڻڪاري ۾ اضافي جي ذر??عي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هتي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي خاص طور تي سهڻو لاهور پراجيڪٽ ۽ ٻين قدمن تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، صنعت واري صوبائي وزير محمد اسل اقبال، بلديات واري صوبائي وزير ميان محمود الرشيد، تعليم واري صوبائي وزير ڊاڪٽر مرادراس، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪا??را?? علي افضل، لاهور جي ڪمشنر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. لاهور جي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) محمد عثمان اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ سمورن لاڳاپيل صوبائي ادارن پاران صاف پاڻي جي فراهمي، صحت جي شعبي کانسواءِ مرڪزي شاهراهن جي تعمير ۽ مرمت ۽ رنگ ??وغ?? تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ايل ڊي اي، لاهور جي مرڪزي ۽ ننڍن رستن جي ايندڙ ڇهه مهينن ۾ مرمت جو ڪم مڪمل ڪندي، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته واسا صاف پاڻي جي فراهمي کانسواءِ برسات جي پاڻي جي اسٽوريج لاءِ واٽر ٽينڪس ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳائڻ تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيو آهي، سڄي صوبي ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ صحت ڪارڊ جي موثر فراهمي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو پيو وڃي، لاهور جي ڪمشنر بريفنگ ڏيندي چيو ته سهڻو لاهور پلان تحت شهر جي آلودگي صفائي ۽ ٻين انت??ام?? مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، وزيراعظم ع??را?? خان لاهور ۾ آلودگي جي مسئلن جي حل لاءِ وڻڪاري تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ع??را?? خان لاهور ۾ وڻڪاري جي ترغيب لاءِ پلانٽ فار لاهور جي نالي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ع??را?? خان حڪومت جي عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ ٻين قدمن ۽ وڻڪاري جي اه??يت جي باري ۾ عوامي آگاهي تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم ع??را?? خان اسڪولن ۾ وڻڪاري جي اه??يت اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاهور جي عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي منصوبن، آلودگي جي مسئلن جي حل ۽ وڻڪاري ۾ اضافي جي ذر??عي ان جي قدرتي خوشگوار ماحول کي بحال ڪيو وڃي.