اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ?? ڪرپشن جو سج طلوع ڪندڙ لنڊن ۾ غروب ٿي چڪا آ??ن، شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي، شهباز شريف اڳ ۾ طئي ڪري وٺي ته هو پارٽي جي ”اندر“ آهي يا وڏي ميان پنهنجن جي ذريعي ”ٻاهر“ ڪري ڇڏيو آهي، پي ايم ايل اين جي سياست کي وڏي ميان صاحب ۽ سندس ڌيءَ دفن ڪري ڇڏيو آهي، اهي پاڪست??ن جي عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن، جيڪڏهن اهي اقتدار ۾ هجن ته حڪومت آئيني مدو پورو ڪري، عوام جيڪڏهن اقتدار عمران خان کي ڏي ته انهن کي برداشت نه آهي. شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحم??ن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن کي سرڪاري وسيلن ۽ پروٽوڪول استعمال ڪرڻ جي ڏهاڪن تي ٻڌل عادت لڳل هجي ته اهي اقتدار ۽ اختيار کانسواءِ ائين ئي تڙپندا آ??ن جيئن مڇيءَ پاڻي کانسواءِ. جيڪڏهن ملڪ ۾ اڄ مهانگائي آهي ته ??ن جو سبب توه??ن جي ا??بن کربن جي ڪرپشن ۽ غيرملڪي قرض آهن جيڪي توهان ذاتي مفاد جي لاءِ وٺندا رهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا پنهنجي سياسي اناءَ جي تسڪين لاءِ جمهوري نظام سان نه کيڏي، انهن کي اڳوڻي دور ۾ قومي ا??يمبلي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير ڇو ياد نه اچي رهي آهي؟ پنهنجي هڪ پليٽ حلوي جي لاءِ پوري ديڳ ڇو اونڌي ڪرڻ چاهي ٿو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف سان اهو ئي سلوڪ ڪري رهيا آ??ن جيڪو زرداري ۽ بلاول گڏجي مولانا فضل الرحمان سان سان ڪيو آهي. مولانا کي پنهنجي اها عزت افزائي ڪڏهن نه وسارڻ گهرجي، مولانا صاحب ۽ شهباز شريف گڏجي متاثرين جي لاءِ انجمن ٺاهين.