اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ ڪوڙ ۽ الزام بازي جي سياست ڪري رهي آهي، هن وقت دنيا ۾ ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، حڪومت پنهنجي ڪامياب حڪمت عملي ۽ ريليف جي ڪري عوام تي عالمي سطح جي م??انگائي جو گهٽ کان گهٽ اثر منتقل ٿيڻ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مريم اورنگزيب جي بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته يو اين ايف اي او جي تازي رپورٽ سڀ ڪجهه کولي رکي ڇڏيو آهي، عالمي سطح تي کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 127 سيڪڙو ۽ پ??ٽر??ليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي قوم کي هر صورتحال کان آگاهه رک?? جي نئين روايت قائم ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان کي غريب، وچولي ۽ پيڙهيل طبقن جو وڌيڪ فڪر آهي. حڪومت اح??اس پروگرام متعارف ڪرايو ۽ هن وقت اح??اس پروگرام تحت 34 سم??جي تحفظ جا پروگرام ڪامياب سان هلي رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته کاڌي پيتي جي شين، ڀاڄين ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ ڏهاڙي جي بنياد تي وفاق ۽ صوبن جي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪاش (ن) ليگ ڪڏهن سچ به ڳالهائي سگهي، هن وقت دنيا ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو سڀ کان گهٽ اثر پاڪستان تي پيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي شروعات 7 عروج جي دوران به پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو. هن چيو ته ماضي ۾ عوامي ريليف جا اعلان رڳو نعرن جي حد تائين ئي هئا، عملي طور تي پنهنجا ئي کيسا ڀريا ويا. مملڪتي وزير چيو ته اڄ ملڪ جي اندر جيڪا به مهانگائي، بيروزگاري آهي ان جي ذميوار (ن) ليگ آهي، حقيقت ۾ (ن) ليگ نيب کان اهڙو اين آر او چاهي ٿي جنهن ۾ انهن جا سمورا ڪيسز هڪدم ختم ٿي وڃن. هن چيو ته (ن) ليگ 2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ ملڪ جي هر اداري کي م??لوج ڪيو، انهن جي ترجيح ڪرپشن، ڪميشن، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس هئي، 1998ع کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارنامن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا ملڪ ڊيفالٽ تائين پهچي ويو. فرخ حبيب سوال اٿاريو ته آءِ ايم ايف وٽ سڀ کان اڳ ڪير ويو ۽ ڇو ان جي ضرورت پئي.