اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين سربر??هه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربر??هه اجلاس ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صدر جي ??ريس و??گ مان جاري بيان موجب صدر صدر اقتصادي تعاون تنظيم جي سربر??هه اجلاس جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. ترڪمانستان جو صدر 15 هين سربر??هه اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربر??هه اجلاس جو موضوع ”مستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اج??اس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات??ن به ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي ??چ مدي وارو جائزو به ورتو ويندو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي اقتصادي تعاون تنظيم جا باني ملڪ آهن جڏهن ته آذربائيجان، ترڪمانستان، ڪرغزستان، قزاخستان ۽ افغانستان به تنظيم جا ميمبر آهن.