اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم ۽ صحت جي بنياد تي هڪ صحتمند ۽ ترقي يافته قوم بڻجندي آهي، صحيح في??لا سازي ۽ پنهنجي ذهانت کي استعمال ۾ آڻيندي ??سا?? دنيا ۾ جلد پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهون ٿا، گهٽ آبادي وارن صوبن جي لاءِ وڌيڪ فنڊن جي فراهمي بابت لائحح عمل اختيار ڪرڻ گهرجي، خانداني منصوبابندي بابت پيغام هر گهر تائين پهچائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ آبادي جي موضوع تي سالياني ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ نمائنده ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صد?? ڊاڪٽر علام محمد عارف، يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن، استادن ۽ شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته خانداني منصوبابندي بابت پيغام هر گهر تائين پهچڻ گهرجي، موجوده دور جي گهرج آهي ته في??لا تيزي سان ڪيا وڃن، گهٽ آبادي وارن صوبن جي لاءِ وڌيڪ فنڊن جي فراهمي سان لاڳاپيل عمل اخيتار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي هڪ وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي گذريل 30 کان 50 سالن کان اهو چئلينج درپيش آهي، بنگلاديش ۽ ايران جه??ا اسلامي ملڪ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ??سا?? کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين ان بابت پنهنجو پيغام پهچائڻ گهرجي، عالم سڳورا به ان باري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا بحران جي ٻن سالن جي دوران ميڊيا ??سا?? جي وڏي مدد ڪئي، آبادي ۾ اضافي سان پيدا ٿيندڙ مسئلن جي باري ۾ پيغام گهر گهر وڃڻ گهرجي، پاڪستان ايندڙ ٻن سالن تائين حمل روڪ مصنوعات جي مينوفيڪچرنگ شروع ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته صحت هر گهر کي اثر انداز ڪندي آهي، خاندان جي اندر توازن پيدا ڪريو، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ مڊ وائيف وڌندڙ آبادي ۽ خانداني منصوبابندي جي باري ۾ هر گهر ۾ پيغام پهچائي سگهن ٿيون، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي روانگي واپار وڌڻ خوش آئنده آهي، ??سا?? پراڻو بار کڻي هلي رهيا آهيون، ان ڳالهه تي پورو يقين آهي ته صحيح في??لو ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان 5 کان 10 سالن ۾ دنيا ۾ منفرد مقام حاصل ڪندو. صدر عورتن کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عورتن کي تعليم، ??هتر موقعا ۽ هنرمند بڻائي معاشري ۾ بااختيار بڻائي سگهجي ٿو.