استنبول – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي ۽ ان جا ثمر معاشري جي هيٺين طبقي تائين پهچائڻ اڻٽر آهن ته جيئن کين معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پائيدار ترقي (ايس ??ي پي آءِ) بابت پاليسي اداري جي اهتمام هيٺ منعقد 24 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي آن لائين خطاب ڪندي ڪيو. ايس ??ي پي آءِ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم چيو ته مسلمانن جي پهرين رياست جيڪا صحيح معنيٰ ۾ هڪ فلاحي رياست هئي ۽ ان ۾ غريبن، يتيمن ۽ بيواه?? جو خيال رکيو ويندو هو، هن چيو ته اها رياست ترقي جو بهترين نمونو پيش ڪندي آهي جنهن دنيا جي هڪ بهترين تهذيب جو بنياد رکيو. هن چيو ته هر اها قوم جيڪا رياست مديني جي نموني جي تقليد ڪندي، ان ??ي عروج حاصل ٿيندو جنه?? جو بهترين مثال چين آهي جنهن مختصر عرصي ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. اهو مقصد ڪمزور طبقن تي خرچ ڪرڻ ۽ شموليتي ترقي جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران اسان جي حڪومت تي مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي حوالي سان سخت دٻاءُ هو پر اسان سمارٽ لاڪ ڊائو?? جو رستو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهن کي وبا کان بچائڻ سان ??ڏوگڏ ماڻهن کي روزگار ۽ معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته آئون ايس ??ي پي آءِ جو ٿورائتو آهيان جن??ن فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ قائم ڪري حڪومت کي روز مره جي استعمال جي شين جي دستيابي تي نظر رکڻ ۾ مدد ڏني.