اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ مضبوط مقامي حڪومت جو واعدو صرف عمران خان پورو ڪيو، ٻيو ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ شفاف ۽ غ??ر جانبداراڻيون چونڊون ??را??ون، عمران خان واحد اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي سياسي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جون چونڊون ٻن حوالن سان اهم آهن، پهريون اهو ته پهريون ڀيرو تعلقي جي سطح تي سڌو سنئون ووٽ سان چونڊيل نمائندن کي اختيار منتقل ٿي رهيا آهن، مضبوط مقامي حڪومت جو واعدو صرف عمران خان پورو ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو حڪومت شفاف ۽ غ??ر جانبداراڻي چونڊون ??را??ون، هن چيو ته صرف عمران خان اهو اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي سياسي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندا آهن، ٻي صورت ۾ ڪيترو آسان آهي وڏي وزير جي صورت ۾ هڪ ڊڪٽيٽر رکو ۽ ڪم هلايو، جيڪا پ پ پ ۽ نون ليگ جي روايت رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو اڄ به ان رو??ي جو شڪار آهن، هاڻي پنجاب ۾ به بااختيار نظام قائم ٿيڻ وڃي رهيو آهي.