اسلام آب??د-20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بيلسٽڪ ميزائيل شاهين ٽو جي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ ??نج??يئرن کي مبارڪون ڏنيون آهن. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بيلسٽڪ ميزائيل شاهين ٽو جي ڪامياب تربيتي لانچنگ پاڪستان جي سائنسدانن ۽ ??نج??يئرن جو شاندار ڪارنامو آهي. اسان جي سائنسدانن ۽ ??نج??يئرن هڪ دفعو ٻيهر فني مهارت ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. هن چيو ته سائنسدانن ۽ ??نج??يئرن محنت ۽ چاهه سان اڄ پاڪستان ميزائيل ٽيڪنالاجي ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪيو آهي. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪري پاڪستان جو دفاع ??تح نه ٿيڻ جوڳو آهي.