اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين قانون ۽ آئين جي بالادستي ۽ ادارن جي مضبوطي ج?? عزم ورجايو، ايمرجنسي ۽ زندگي کي درپيش خطرن جي سڃاڻپ ??حت جي ماهرن کي ڪرڻي آهي، محمد نواز شريف جي ??حت جي حوالي سان عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي حڪومت ان تي جيئن جو تئين عمل ڪندي، ڪو به فيصلو ڪنهن شخصيت جي خواهشن جي تابع نه ٿيندو، گذريل 72 سالن دوران ادارن کي ڪمزور ۽ تابع رکيو ويو، نواز شريف جي پليٽ ليٽس 20 هزار تائين اچي ويندا، هر ايندڙ ڏينهن ان ۾ بهتري ايندي، ??حت مند نواز شريف ئي اسان سڀني جي لاءِ اهم آهي، هاڻي مسلم ليگ (ن) نواز شريف جي بيماري جي آڙ ۾ حڪومت تي تنقيد بدران ڪو ٻيو ذريعو ڳولي، هو بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.