اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين، هائوسنگ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ صحت جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حصيداري سان اسپتالون قائم ڪرڻ جهڙن اهم اي??نڊ?? آئٽمز تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم ??وب?? کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي صوبائي فنانس ڪميشن جوڙ??ن ته جيئن پٺتي پيل علائقن ۾ وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ممڪن ٿي سگهي، وفاقي ڪابينا جي هيستائين 93 اجلاسن ۾ 1759 فيصلا ڪيا ويا جن مان 1579 تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، 28 فيصلن تي عملدرامد ۾ دير آهي جڏهن ته 46 فيصلا عملدرآمد جي عمل هيٺ آهن، ڪي اليڪٽرڪ بابت فيصلو وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندو جڏهن ته وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي جي سربراهي ۾ چونڊ سڌارا ڪميٽي جون ??فارشون ??تمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون ??هن جيڪي وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، ڀاڻ، آر ايل اين جي، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن جي ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا اهم فيصلا به اجلاس ۾ ڪيا ويا، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ حج جي حوالي سان خاص فنڊ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو.