صوابي – 09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صوابي ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. گج?? خان ۾ پنس (پائن) جو هڪ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ٽائيگر فورس جي مدد سان پوري ملڪ ۾ جاري وڻڪاري مهم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي گج?? خان ۾ تقريب کي خطاب ??ندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هر شخص کي هڪ وڻ لڳائڻ گهرجي جيڪو نه رڳو رسول ڪريم صه جي سنت آهي پر ماحوليات جي لاءِ هڪ مثب?? قدم آهي. هن چيو ته اسان کي گڏيل طور تي پاڪستان کي صاف سٿرو ۽ سبز پاڪستان بڻائڻ جي خواب ??ي پورو ڪرڻو آهي. اسپيڪر پوري پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اها ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي ۽ ان مهم ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪري.