حيدرآباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا تسليم ڪيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو موقف صحيح ۽ ٻه قومي نظريو هڪ حقيقت آهي، پاڪستان ۾ غير مسلم محفوظ ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان ناروا ?? انسانيت ??وز سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن ميرپورخاص ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ذميوارن طرفان استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هندستان جي ورهاست هڪ ناگزير حقيقت آهي ۽ اڄ ڀارت ۾ اقليتن سان جيڪو ناروا ?? انسانيت ??وز سلوڪ ٿي رهيو آهي اهو به سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن ۽ غيرمس??ما??ن کي اظهار راءِ جي آزادي کان وٺي جاني ۽ مالي، عزت ۽ آبرو، محفوظ آهي ۽ ??سا?? قائداعظم جي ويزن مطابق ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ??سا?? لاءِ اهو سٺو سنوڻ آهي ته قائداعظم جو تعلق سنڌ صوبي سان هو. هو هتي پيدا ٿيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪووڊ-19 کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ موثر حڪمت عملي اپنائي آهي. ان ڪامياب حڪمت عملي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.