اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر ج??ري ڪري ڇڏيا آهن. ڪالهه آچر ڏينهن اين سي او سي پاران ج??ري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 640 مريضن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ۽ هڪ مريض اسپتال ۾ فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 19 جا 34 هزار 544 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 502، پنجاب ۾ 12 هزار 23، خيبرپختونخواهه ۾ 2 ??زار 640، اسلام آباد ۾ 3 هزار 210، بلوچستان ۾ هڪ هزار 320، گلگت بلتستان ۾ 382، آزاد ڪشمير ۾ 467 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙ?? جو انگ 2 لک 92 هزار 303 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 106 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيس?? جو انگ 6 هزار 952 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻه?? جو انگ 3 لک 5 هزار 671 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 ??زار 517، بلوچستان ۾ 14 هزار 269، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 450، اسلام آباد ۾ 16 هزار 124، خيبرپختونخواهه ۾ 37 هزار 317، پنجاب ۾ 98 هزار 368 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 33 هزار 626 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙ?? جو انگ 6 هزار 416 آهي جن مان سنڌ ۾ 2 ??زار 459، پنجاب ۾ 2 ??زار 226 فوتگيون، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 258، اسلا آباد ۾ ڪل 180 فوتگيون، بلوچستان ۾ 145، گلگت بلتستان ۾ 81 فوتگيون ٿيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 67 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 31 لک 60 هزار 924 ٽيسٽ ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 735 اسپتالن ۾ 837 مريض علاج هيٺ آهن.