اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به م??يح?? برادري پنهنجو مذهبي ڪرسمس جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، پاڪستان ۾ گرجا گهرن ۽ م??يح?? وستين ۾ ڪرسمس جي تقريبن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، خو??حالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. صدر، وزيراعظم کانسواءِ اهم شخصيتن مبارڪباد جا پيغام جاري ڪيا، پوري دنيا ۾ ان اهم ڏڻ جون ڪيتريون ئي تقريبون ڪووڊ – 19 جي وبا جي ٻي لهر جي ڪري ڊجيٽل طور تي منعقد ڪيون ويون، تنهن هوندي به ملڪ جي ٻين شهرن وانگر وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ م??يح?? برادري اهو ڏڻ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو ته جئين وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. م??يح?? برادري ڪووڊ -19 جي ايس او پيز کي اختيار ڪندي سرڪاري تقريبن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪيو، م??يح?? عملي جي ميمبرن جي خو??ين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڄي ه??تي کان ئي مختلف ادارن ۾ تقريبن جو سلسلو جاري ه?? جڏهن ته ايوان صدر، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان ريلويز، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ ڪرسمس جي ڪيٽ ڪٽڻ جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. سڄي ملڪ جي گرجاگهرن ۾ خصوصي سروسز جو انعقاد ڪيو ويو ۽ م??يح?? برادري ملڪ جي امن، ترقي ۽ خو??حالي سان گڏوگڏ وبا کان ڇوٽڪاري ۽ پوري انسانيت جي حفاظت جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون.