اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي ??يٽ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته عبدالحفيظ شيخ کي 164 ووٽ مليا، 7 ووٽ رد ٿيا. رٽرننگ آفيسر ظفر اقبال پولنگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي ا??يمبلي هال ۾ سينيٽ جي وفاقي گادي واري شهر مان ٻن خا??ي سيٽن تي پوولنگ ٿي. پولنگ جي ??روعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي ??اري رهي. ڪل 342 جي ??يوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي ??اءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ته اين اي 75 ڊسڪه جي ??يٽ خالي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي ??سپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي ا??يمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي ا??يمبلي جي ??ڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏهن ته پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کان اين اي 342 تائين ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پوليس جي ??راست ۾ هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي ??صوصي حڪمن تي ووٽ وجهڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن تي آندو ويو. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ايوان ۾ موجود رهيو. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪ??ڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏهن ته بعد ۾ ه?? ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جن تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پولنگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ڳڻپ جي ??مل ۾ شريڪ ٿيا. پهرين جنرل سيٽ تي وڌل ووٽن جي ڳڻپ ٿي، پهريون ڀيرو ڳڻپ مڪمل ٿيڻ تي زين قريشي جي چوڻ تي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي. جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر يوسف رضا گيلاني ڪامياب ٿيو.