ترجمو: روپ ميگهواڙ
مذهبي سياحت عالمي سطح تي معيشت جي ترقي جي لاءِ هڪ اهم حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، سڄي دنيا ۾ مختلف مذهبن جا پيروڪار لکين ماڻهو مذهبي فرضن جي ادائيگي ۽ روحاني سڪون لاءِ هر سال مقدس ماڳن جي سفر تي ويندا آهن. هر سال تقريبن 300 کان 330 ملين سياح دنيا جي مختلف مذهبي ماڳن تي ويندا ??هن جيڪي اربين ڊالرز جي پرڏيهي ناڻو پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي. پاڪستان دنيا جي مختلف قديم تهذيبن جو گهوارو آهي ۽ هڪ اهڙي خطي ۾ واقع آهي جيڪو دنيا جي ٽن وڏن مذهبن هندو مت، ٻڌمت ۽ سک مت جي پيروڪارن جا هزارين سال پراڻا تاريخي ۽ مذهبي ماڳن جي هڪ وڏي تعداد سان مالا مال آهي. پر ان جي باوجود پاڪستان جو سياحت جو شعبو ڀارت، ترڪي، سريلنڪا ۽ خطي جي ٻين مل??ن کان تمام گهڻو پوئتي آهي جنهن جو اهم سبب سيڪيورٽي جا مسئلا، فنڊن جي کوٽ، ڌيان نه ڏيڻ سميت ٻيا ڪيترائي معاملا آهن، خاص طور تي نائين اليون جي واقعن کانپوءِ پاڪستان جي سياحت جي انڊسٽري کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ان ڏس ۾ سڄي مل?? ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي، سياحن کي مائل ڪرڻ لاءِ سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي رهي آهي، موجوده حڪومت جي ٺوس عملي قدمن سان پاڪستان مستحڪم رفتار سان سياحت جي محاذ تي ترڪي ڪري رهيو آهي جنهن جو هڪ مثال ڪرتار پور راهداري منصوبو آهي جنهن جي تڪميل نه رڳو سک برادري جي دل کٽڻ لاءِ پر پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي ترقي جون نيون راهون کولي ڇڏيون آهن، اهڙي طرح جيڪڏهن اسان ٻڌمت جي ورثي جي باري ۾ ڳالهه ڪريون ته سڄي پاڪستان ۾ ٻڌ مت مذهب کي مڃيندڙن جا هزارين سال پراڻا مذهبي سياحتي ماڳ موجود آهن، جنهن جي بحالي لاءِ حڪومت خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.
وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کان فورن بعد ئي مل?? جي معيشت کي سگهه ڏيڻ ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائڻ لاءِ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سريلنڪا جي تازي سرڪاري دوري ۾ وزيراعظم عمران خان سريلنڪن ٻڌ ڀڪشوئن کي دعوت ڏني ته هو اچن ۽ پاڪستان ۾ پنهنجا مقدس ٻڌ مت آثار ۽ مذهبي ماڳ ڏسن، وزيراعظم عمران خان جي خصوصي دعوت تي سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي مدد سان 19 اپريل 2021ع کان ٻڌ مت مذهب سان تعلق رکندڙ مذهبي پيشوا پاڪستان جي دوري تي آيل آهن. اهي ٻڌ ڀڪشو پنهنجي سڄي هفتي جي دوري دوران ٻڌ مقامن ۽ عجائب گهرن جو د??رو ڪندا. انهن جي پاڪستان جو د??رو ڪرڻ سان ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي مل?? ۾ مذهبي سياحت کي وڌيڪ فروغ مل?? جي اميد ڪري سگهجي ٿي ڇو ته پاڪستان قديم ٻڌ تهذيب جو مرڪز ۽ گهوارو آهي جيڪو هيستائين دنيا جي اک کان اوجهل هو، سريلنڪن وفد جي تازي دوري سان ان جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو،
ٻڌ مت وفد جي قيادت ڊاڪٽر والپول پيانند ٿيرو ڪري رهيو آهي، اهو وفد پنهنجي ٻن ڏينهن جي لاهور جي دوري کانسواءِ اسلام آباد، ٽيڪسلا، شهباز ڳڙهي، تخت ڀائي ۽ جهان آباد (سوات) ويندو. ٻڌ مذهبي پيشوائن جو اهو وفد مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي عهديدارن سان ملاقات ڪندو ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ پنهنجي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان به ملاقات ڪري رهيو آهي.
سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي سيڪنڊ سيڪريٽري عائشه ابوبڪر فهد ٻڌا??و ته دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو نٿا ڄاڻن ته پاڪستان گنڌارا جي شاندار تهذيب ۽ ٻڌمت جو گهر آهي. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻڌ مت جي مذهبي پيشوائن کي پاڪستان جو د??رو ڪرڻ ۽ مل?? ۾ موجود تاريخي ورثي کي ڏسڻ جي دعوت ڏني آهي ته جئين اهي ڪيترائي مقدس ٻڌ مت مذهبي ماڳن کي ڏسن ۽ پنهنجي مذهبي رهنما مهاتما ٻڌ جي مقدس ورثي جي ياترا ڪري خراج عقيدت پيش ڪن.
ڊاڪٽر وال پيول پيانند ٿيرو چ??و ته اسان کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستاني ماڻهو ٻڌ مت جا پيروڪار ته نه ??هن پر ان جي باوجود انهن مهاتما ٻڌ جي مجسمن، ٻڌمت آرٽ ۽ ٻڌمت جي تاريخي ورثي ۽ فن تعمير کي محفوظ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چ??و ته مهاتما ٻڌ جي مجسمن جي ذريعي دنيا ۾ ٻڌمت پکڙيو ڇو ته ٻڌمذهب امن، همدردي ۽ رواداري جو پيغام ڏي ٿو، هن چ??و ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان سريلنڪا ۾ هڪ عظيم ڪرڪيٽر ۽ اعتدال پسند سياستدان جي حيثيت سان ڄاتو وڃي ٿو، سريلنڪن ان جو وڏو احترام ڪن ٿا، ڊاڪٽر وال پيول پيانند ٿيرو چ??و ته وزيراعظم عمران خان تازو ئي سريلنڪا جو د??رو ڪيو ۽ ٻڌ ڀڪشوئن کي پاڪستان جو د??رو ڪرڻ ۽ مقدس ٻڌ ماڳ ڏسڻ جي دعوت ڏني هئي، ان دعوت کي قبول ڪندي سريلنڪن ٻڌمت وفد پاڪستان جو د??رو ڪري رهيو آهي.
وفد جي ميمبر اودي دملوڪاٿيرو چ??و ته ٻڌمت ۽ گنڌارا تهذيب جي تاريخ هزارين سالن تي ٻڌل آهي، اسان جو اهو د??رو ٻڌ مذهب ۽ سرزمين پاڪستان جي وچ ۾ صديون پراڻي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه بخشيندو. هن چ??و ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جي حوالي سان اسان کي ڪجهه غلط فهميون ۽ خدشا لاحق هئا پر پاڪستان پهچڻ کانپوءِ اسان جا سمورا خدشا ختم ٿي چڪا آهن، هن چ??و ته ٻڌ ياترين جي اچڻ سان لکين ماليت جو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر اسيلا وڪرما سنگهي جيڪو سريلنڪا ۽ مالديپ جي باري ۾ سريلنڪا جي صدر جي سينئر سياسي صلاحڪار آهي، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چ??و ته موجوده حڪومت پاڪستان پاران ٻڌمت مذهب جي مقدس ماڳن کي جيڪي ماضي ۾ بند ڪيا ويا ??هن هئا، کي ٻيهر سياحن جي لاءِ کولڻ هڪ بهترين قدم آهي، هن چ??و ته سريلنڪن وفد جو تازو د??رو پوري دنيا ۾ موجوده ٻڌ مت مذهب جي ماڻهن کي پاڪستان طرف متوجهه ڪندو جنهن سان سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو، ڊاڪٽر اسيلا وڪرما سنگهي چ??و ته پابندين جي خاتمي سان جاپان، چين، ٿائي لينڊ ۽ ٻين مل??ن مان ٻڌ مت مذهب جا ماڻهو به انهن مقدس ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ايندا. هن چ??و ته اهو پاڪستاني قوم جي تمام وڏي خوش قسمتي آهي ته کين عمران خان جهڙو دور انديش وزيراعظم ۽ اڳواڻ مليو آهي.
لاهور ميوزيم جي ڊائريڪٽر اعجاز احمد منهاس دوري جي موقعي تي چ??و ته وفد ۾ شامل ٻڌ ڀڪشو پنهنجي شاندار ماضي جي آثار ۽ مذهبي ماڳن کي ڏسڻ جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي گهڻا خوش ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اعجاز احمد منهاس چ??و ته وفد ۾ شامل هڪ ٻڌ پيشوا وزيراعظم عمران خان جو ٿ??رو ادا ڪندي چ??و ته جن مقدس آثار ۽ ماڳن بابت اسان صرف تاريخي ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين اڄ انهن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي جنهن تي اسان پاڪستاني حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم عمران خان جا بي حد ٿورائتا آهيون، هن چ??و ته ان دوري جو مقصد مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ آهي، وفد ۾ شامل ٻڌ مت مذهبي اڳواڻ سڄي دنيا سان تعلق رکن ٿا ۽ واپس وڃڻ کانپوءِ پاڪستان جي باري ۾ محبت ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پکيڙيندا.
هن چ??و ته اميد آهي ته ان دوري سان ايندڙ ڏينهن ۾ ٻڌ مت سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ان ٻڌ مت ورثي کي ڏسڻ لاءِ پاڪستان ايندو جنهن سان نه رڳو وڏو ناڻو حاصل ٿيندو پر دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص به اجاگر ٿيندو.
اي پي پي سنڌي سروس جي ٿورن سان