اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو دورو ??يو، جتي کيس ايي پي پي جي ايم ڊي طارق محمود پاران اي پي پي جي معاملن، نيوز سروسز ۽ ٻين معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. مملڪتي وزير اي پي پي جي مختلف نيوز سروسز ۽ شعبن جو دورو پڻ ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان تحري?? انصاف واحد پارٽي آهي جنهن اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ميڊيا تي ڪنهن به قسم جو سينسر ناهي لڳايو.