اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم اها ڳا??هه ٽوئيٽر تي جاري پن??نجي ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. وزيراعظم پن??نجي ٽوئيٽ ۾ ڪٻاڙ گڏ ڪندڙ هڪ سائيڪل سوار ٻار جي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن جي سائيڪل تي قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته انشاءَ الله هي اهي پاڪستاني آهن جن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي پاڪستانين کي ??يستائين اسان جي رياست نظرانداز ڪيو آهي.