اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خ??ص معاون ۽ ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل مراد علي شاهه ??ي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ??ه سنڌ حڪومت وٽ هر نااهلي جو جواز وفاق تي چڙهائي آهي، گذريل 13 سالن کان سنڌ تي مڙهيل پارٽي سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن تائين فراهم نه ڪري سگهي. ڊاڪٽر شهباز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي عوام اڄ به ريسڪيو سروس کان محروم آهي، سنڌ ۾ اڄ به رڳو ڀٽو زندهه ??هي ??وام نه. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته سنڌ سرڪار هر شيءَ جي ذميواري وفاق تي وجهي ??ميواري کان آجي نه ٿي سگهندي، پيپلزپارٽي جي ڪ??غذي ڪ??رڪردگي جي ڪ??ي اڄ سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي تائين ميسر نه آهي، ٿر ۾ ماڻهو بک سان مري رهيا آهن، اندرون سنڌ علاج جي ڪ?? سهولت ميسر نه آهي.