اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي ڪيسن ۾ دير جا حربا استعمال ڪري ر??ي آهي، ثبوت آهن ته روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي لاءِ درخواست ڏي، جائيدادون نيلام ڪيون پيون وڃن جنهن جو روئڻو پٽڻو آهي، ليگي اڳواڻن کي سزائون ميرٽ تي ٿيون، مريم نواز کان حساب گهرو ته نيب تي حملا آور ٿيندي آهي، نواز شريف اثاثن جو حساب ڏيڻ بدران ملڪ مان فرار ٿي ويو. هو ميڊيا سان ڳالهائي ر??يو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ٿيندڙ سزائ?? جي خلاف اپيل?? جي ٻڌڻي ٿي، اڄ وري هن وڪيل کي تبديل ڪيو، جولاءِ 2018ع کان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، هتي انهن جو چوڻ گهرجي ته اپيل?? جي ٻڌڻي ر??زاني جي بنياد تي ٿئي، هڪ درجن کان وڌيڪ التوا وٺي چڪا آهن، پنهنجي پٽيشن تي دليل ڏيڻ بدران وڪيل بيمار يا ڪڏهن ڪورونا ٿي ويندو آهي، عدالت به چئي ڇڏيو ته دير جا حربا استعمال ٿي ر??يا آهن، هن چيو ته جنه?? جي خلاف فيصلو اچي ته اپيل ۾ و??ي چوندو آهي ته فوري فيصلو ڪرايو وڃي، هتي ڪم مختلف آهي، کين خبر آهي ته کين سزائون چوري، ڪرپشن تي ٿيون آهن، عدالت کي مطئمن ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، هن چيو ته نواز شريف تي پهرين ڀڳوڙو بڻجي ٻاهر و??ي چڪو آهي، نواز شريف کان ڪرپشن تي رڪوري ٿيڻ وڃي ر??ي آهي، سندس جائيدادون نيلام ٿيڻ وڃي ر??يون آهن، ان تي انه?? جي پيٽ ۾سور آهي، اهي ماڻهو پاڪستا?? جي تشخص ۽ سالميت جو به خيال ناهن ڪندا، پنهنجي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيندا آهن، هن چيو ته ڀارت کي بي نقاب ڪرڻ تي مريم صفدر جي ٽوئيٽر تان ڪو ٽوئيٽ نه آيو. هن چيو ته اڄ کيس اليڪشن ڪميش?? جي ياد اچي ر??ي آهي، 6 مهينا پهرين مريم صفدر اليڪشن ڪميش?? جي ٻاهران بيهي ڌمڪيون ڏنيون، سپريم ڪورٽ تي حملا، فون تي ججن کي فيصلا لکرائڻ وارا اهي ماڻهو آهن، هي اهي ماڻهو آه?? جيڪي اقتدار هج?? ته پاڪستا?? جي اندر ۽ اقتدار نه هج?? ته ٻاهر هوندا آهن. مريم جو نالو اي سي ايل ۾ نه هج?? ها ته هو اڄ پاڪستان ۾ نه هج?? ها، هن چيو ته ادارن کي توهين انه?? جي عادت آهي، توها?? جيڪو ادارن جو احترام ڪريو ٿا اهو به اسا?? جي سامهون آهي، هن چيو ته جتي جمهوريت هوندي آهي اتي احتساب ۽ اختيار تي ڪڙو احتساب به ٿيندو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪٿي اقتدار ۾ اچو، لُٽ مار ڪريو، مال ٺاهيو، ڪير پڇي ته انتقامي ڪارروائي جو چئو.