اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ ان??هائي اهميت رکندڙ آهي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ج?? موقعي تي جاپان جي پنهنجي هم منصب توشي مٽسو موتيجي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻ??رفي لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي سياسي ۽ معاشي لاڳاپن ک?? وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جاپان ک?? هڪ ترقياتي حوالي سان اعتماد جي قابل حصيدار سمجهي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان 2022ع ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه کي پرجوش ان??از ملهائڻ جو ارادو رکون ٿا، پرڏيهي وزير پاڪ جاپان گڏيل لاڳاپن ک?? وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي جاپاني هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي جي لاءِ ان??هائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ وڌندڙ ان??اني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري افغانستان جي مدد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ان??اني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين جي ثبوتن تي ٻڌل هڪ ”ڊوزيئر“ جاپاني هم منصب کي پيش ڪيو.