اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل الرحمان پارليامينٽ جو حصو نه آ??ي، سندس ڳالهيون به بي معنيٰ آهن، مفادن جي سياست ڪندڙ اڄ 12 هون رانديگر بڻجي چڪو آ??ي، نه هو بيٽنگ ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي کيس بائولنگ جو موقعو ملي رهيو آ??ي، نواز شريف ته پاڻ ڀڳوڙو آ??ي، فضل الرحمان جيڪڏهن نواز شريف جو ايترو ئي خيرخواهه آهي ته کيس واپس وٺي اچي، نيب آرڊيننس جو مقصد احتساب جي عمل کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بڻائڻ آ??ي، انهن کي رڳو سيف ا??رحمان جهڙو احتساب اداري جو سربراهه گهرجي ته جيئن مرضي جو احتساب ڪرائين. مولانا فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت نيب آرڊيننس پارليامينٽ ۾ آڻي رهي آ??ي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ نيب کي بند ڪرڻ جي 34 ترميمن کانسواءِ ڪا تجويز آ??ي ته بحث جي عمل ۾ سامهون آڻي، فضل الرحمان جو داڻو پاڻي بند آ??ي، انهي لاءِ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته فضل الرحمان صاحب توهان جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ عرض آهي ته 2018ع ۾ عوام ووٽ جي طاقت سان توهان سميت پوري مخالف ڌر کي عبرتناڪ شڪست ڏني آ??ي، ناجائز، نااهل ۽ نالائق حڪومتون اهي هيون جن توهان کي پنهنجي اقتدار جو حصو بڻايو ۽ توهان انهن جي لاءِ سهولتڪار بڻيا. هن چيو ته جيڪڏهن موجدوه حڪومت جا چونڊ سڌارا پسند نه آهن ته توهان پنهنجا سڌارا کڻي اچو، توهان ته ڌانڌلي نظام جي فروغ ۾ دلچسپي رکو ٿا.