اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مالي ۽ انتظامي اختيارن جي فراهمي کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، گلگت ب??تستان کي بهتر مواصلاتي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم گلگت ب??تستان جي ٺوس ترقياتي منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسان گلگلت ب??تستان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انتظامي ۽ مالي اختيارن جي فراهمي کي ??قيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ??دايت ڪئي ته اهي ان سلسلي ۾ سمورين قانوني ۽ طري??يڪ??ر ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪن ته جيئن گلگت ب??تستان جي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن جن کي ??نهنجي مس??لن جي حل لاءِ اسلام آباد پهچڻ جي لاءِ ڊگهو فاصلو طئي ڪرڻو پوي ٿو. هن مقامي آبادي کي بهتر مواصلاتي سهولتن جي فراهمي لاءِ علائقي ۾ جلد کان جلد انٽرنيٽ رابطو فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته جي بي جي لاءِ تاريخي 5 سالا ترقياتي پئڪيج تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي جنهن جو اعلان ان جي حڪومت هن سال جي شروع ۾ ڪيو هو. پئڪيج تحت 370 ارب رپيا مالي سال 26 – 2025ع تائين مختلف ترقياتي منصوبن جي لاءِ جي بي کي جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، علي امين گنڊاپور، سيد امين الحق، بئريسٽر فروغ نسيم، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ گلگت ب??تستان جي وڏي وزير خالد خورشيد سميت لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.