اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع ۽ قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مارگلا جبلن تي هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي جڏهن ته اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي، ??زيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پا??ستان 10 ارب سونامي ٽري پروگرام جي ڪري ”گرين چيمپئن“ جي حيثيت سان پنهنجي ساک قائم ڪي آهي، دنيا کي اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ مد?? ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اسان جي حڪومت 10ا رب سونامي ٽري جي شر??عا?? ڪئي ۽ هاڻي پوري دنيا اسان جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، ??ن چيو ته عالمي برادري موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پا??ستان جي حقيقت پسنداڻي ۽ ٺوس قدمن کي ساراهي رهي آهي. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ مقرر هدفن جو جائزو ورتو وڃي ۽ گهربل وڌيڪ فوري قدمن جي حامل هدفن ٺ??هي?? وڃن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان جي قومي پارڪن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي ۽ اسان کي تربيت يافته افرادي قوت کي شامل ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ”قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع“ ۽ ”قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع“ جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته مارگلا جبلن ۾ هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي، ??ن اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منطوري ڏني، ??زيراعظم مختلف وزارتن جي وچ ۾ ڪوششن کي جامع بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي خاتمي جي حل لاءِ هڪ ٿنڪ ٽينڪ جي قيام جي به هدايت ڪئي، ??ن ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ملڪ امين اسلم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان شعبي پا??ستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت خاص مد??گار ملڪ امين اسلم اجلاس کي اين ڊي سي، ??وسمياتي تبديلي جي پاليسي، ??ومي وائلڊ لائيف پاليسي ۽ گرين ڪلائميٽ ڊپلوميسي جي باري ۾ تفصيل کان آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، سيد فخر امام، محمد حماد اظهر، چوڌري مونس ال??هي?? قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مد??گار ڊاڪٽر شهباز گل، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي ۽ سنڌ جو ماحوليات وارو وزير اسماعيل راهو وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.